فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون. جسٽس امير الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني لارجر بينچ جوڙي وئي، جيڪا 8 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عرفات سعادت ۽ جسٽس شاهد بلال بينچ ۾ شامل آهن. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي اجلاس ۾ اهم ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو