فوجي آمرن جي پيداوار سليڪيٽڊ وزيراعظم ڪوٺين ٿا، عمران

اسلام آباد(بيورور رپورٽ) 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال م بجٽ کان وڌيڪ خرچ ڪيل مختلف وزارتن جي اضافي بجٽ بابت مطالبا منظور ڪندي قومي اسمبلي جو بجٽ سيشن غير معينه مدت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. اختتامي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته مونکي سليڪيٽڊ وزيراعظم سڏڻ وارا پاڻ فوجي آمرن جي نرسرين ۾ پليا آهن. ان موقعي تي اپوزيشن موجود نه هئي هنن ڪورم جي نشاندهي ڪئي پر اسپيڪر ڪورم پورو هئڻ جي رولنگ ڏني ته هو واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. عمران خان حڪومتي ميمبرن کي بجٽ جي منظوري تي مبارڪ ڏني ۽ روينيو منسٽر حماد اظهر جي تعريف ڪندي چيو ته جنهن نموني هن بجٽ سيشن هلايو آهي هو وفاق وزير ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته زرداري هنڊي ۽ حوالي ذريعي ۽ نواز شرف هل ميٽل ۽ حديبيه پيپر مل ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، هنن پاران اربين روپيا ٻاهر موڪلڻ سبب ڊالر جي قيمت وڌي آهي. هن چيو ته هاڻي مني لانڊرنگ جي قانون ۾ جهول ختم ڪنداسين ۽ مني لانڊرنگ وارن جي ڪڍ لڳنداسين. ان کان اڳ جڇهن مختلف وزارتن جي واڌو خرچن جي منظور پئي ڏني وئي ته اپوزيشن رڳو اليڪشن ڪميشن جي خرچ تي گوڙ ڪيو ته هنن 2018 جي چونڊ شفاف ناگي ڪرائي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ واڌو خرچ 36 ارب روپين جو دفاع جو هو ان بابت ڪنهن به نه ڳالهايو. شهباز شريف هڪ موقعي تي چيو ته حڪومت هنن جي وس جي ڳالهه ناهي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڊ ٽرم اليڪشن ڪرائي وڄي. هو ميثاق معيشت تان به مريم نواز جي کليل تنقيد بعد پوئتي هٽي ويو ۽ چيو ته جيڪو نواز شرف چوندو هو اهو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو