هندو نارين واري معاملي تي سوشل ميڊيا جي حڪومت تي تنقيد، عمران خان نوٽيس ورتو، فواد چوڌري پاران جلد بازيابي جي دعويٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي تنقيد بعد وزيراعظم عمران خان ڏهرڪي مان مبينه طور تي اغوا ٿيل ٻن هندو نارين جي معاملي جو نوٽيس وٺندي سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته ڇوڪريون بازياب ڪرايو. هوڏانهن وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته ٻئي ڇوڪريون رحيم يار خان کان گجرانوالا پهچي ويون آهن ۽ کين جلد بازياب ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان سواءِ ٽوئٽر تي هندو ڇوڪرين جي اغوا تي ڀارتي اپريم ڪورٽ جي سابق جج مرکندي ڪاٽجو سميت پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪجهه انساني حقن جي ڪارڪنن ان معاملي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ ٽوئٽر تي جڏهن ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج اهو چيو ته هن اسلام آباد ۾ قائم انڊين هاٰءِ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ته ان تي فواد چوڌري کيس جواب ڏنو ته اهو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ته ٻنهي ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي ۽ ٻنهي هڪ ٻئي تي اقليتن سان زيادتي ڪرڻ جا الزام هنيا. سوشل ميڊيا تي گرما گرمي بعد اطلاعات جي وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو آهي ته ڏهرڪي مان اغوا ٿيل ٻن هندو نارين کي رحيم يار مان گجرانوالا منتقل ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت جلد کين بازياب ڪرائي وٺندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزيرچيو ته معاملي جي حقيقت سامهون اچڻ بعد ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن وڌيڪ چيوته پاڪستان ۾ هر رنگ، نسل ۽ مذهب جا ماڻهو برابر حق رکن ٿا. هن چيو ته اڄ ڪلهه ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، اسان پنهنجي اقليتن سان گڏ آهيون. ڏهرڪي مان اغوا ٿيل هندو ڀينرن رينا ۽ روينا بابت فواد چوڌري چيو ته آءِ جي سنڌ سان به ڳالهايو آهي ۽ پنجاب پوليس به سرگرم آهي ۽ پنجاب پوليس ٻنهي نارين کي جلد بازياب ڪرائي وٺندي. 

پهنجو تبصرو موڪليو