فواد چوڌري جي بيان تي انڊيا  جي ميڊيا ۾ هنگامو

فواد چوڌري جي بيان تي انڊيا جي ميڊيا ۾ هنگامو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بي بي سي اردو جي رپورٽ مطابق مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي انڊين پائليٽ ابي نندن کي آزاد ڪرڻ جي باري ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڏنل بيان تي جيڪا هلچل انڊيا ۽ پاڪستان ۾ مچي اها اڃا ختم ناهي ٿي ته مٿان وري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو هڪ بيان به انڊين ميڊيا تي باربار ڏيکاريو پيو وڃي. انڊين ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ان ڪلپ ۾ فواد چوڌي کي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اهو ٻڌي سگهجي ٿو ته، اسان هندوستان کي سندس گهر ۾ گهڙي ماريو آهي، پلوامه ۾ جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي اها عمران خان جي قيادت ۾ هن قوم جي ڪاميابي آهي، ان جا حصيدار توهان سمورا آهيو ۽ ان جا حصيدار اسان سڀ آهيون. هن وڌيڪ چيو هو ته پلوامه واقعي کانپوءِ جهڙي طرح سان اسان گهڙي ماريو آهي هندوستان کي، پاڪستان جي شاهينن، پاڪستان جي سپاه، پاڪستان جي انهن عظيم پٽن جهڙي طرح هندوستان ۾ گهري ان جي پٽائي ڪئي ان تي هندوستان جو پنهنجو ميڊيا ان تي شرمنده آهي، هندستان جي سياسي قيادت ان تي شرمنده آهي. ياد رهي ته 14 فيبروري 2019ع تي والاريل ڪشمير جي پلوامه ضلع ۾ انڊين سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا هئا. ان حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويا هئا، انڊيا ان حملي جي ذميواري پاڪستان مٿان مڙهيندو رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ان جي سختي سان ترديد ڪندو رهيو آهي. فواد چوڌري جو اهو بيان انڊين سوشل ميڊيا تي خوب شيئر ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي صارفين گڏيل قومن جي اداري کان انهيءَ معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڀارت جي اڳوڻي فوجي ميجر گورو آريا ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته وفاقي وزير جي ان بيان جو ايف اي ٽي ايف وارا نوٽيس وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو