اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پوليس جي اپيل تي فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت کيس 12:30 تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو.پوليس فيصلي خلاف اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج آڏو اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي فواد چوڌري جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.سيشن جج طاهر محمود خان پوليس جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سيشن ڪورٽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، فواد چوڌري کي ڪجهه دير کانپوءِ اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.سيشن جج چيو ته جسماني رمانڊ جي اپيل ۾ جوابدار جي عدالت ۾ حاضري ضروري آهي.پراسيڪيوشن جڊيشل مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن جڊيشل مئجسٽريٽ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پکيڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جاچ آفيسر وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.ٻڌڻي دوران جج فواد چوڌري جي عدالت روم ۾ هٿڪڙيون کولڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس عدالت روم ۾ گهرڀاتين سان ملڻ جي اجازت پڻ ڏني.










