فنڪشنل اڳواڻ جي خودڪشي، ڪرنٽ سبب نوجوان فوت

نارو(محمد نواز ناريجو) چونڊڪو ڀرسان سوراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ سادو فقير راڄڙ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ زميندار فقير جان محمد راڄڙ جي نوجوان پٽ ايم ايس ايف فنڪشنل نارا جي صدر فقير علي نواز راڄڙ پنهنجي پاڻ کي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. فوتي نوجوان کي زخمي حالت ۾ فوري طور تي چونڊڪو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته هن هيانءُ ڏاريندڙ واقعي تي والدين کي بيهو شي جا دورا پئجي رهيا آهن ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي .*** لاڙڪاڻو  مان عبدالوحيد ابڙو موجب باقراڻي  ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ وڌو لاشاري جي رھواسي 2و سالن جي عرفان ولد غفور لاشاري  بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو