فلسطيني سان يڪجهتي مارچ، اسرائيل ٻارن کي شهيد پيو ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي پاران غزه جي ٻارن سان يڪجهتي لاءِ ڪراچي ۾ شاهراهه قائدين تي مارچ ڪيو پيو وڃي.شاهراهه قائدين سوسائٽي آفيس کان طارق روڊ سگنل تائين مارچ ۾ اسڪولن جي ٻارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن ۽ اسڪولن جي شاگردن پاران غزه ۾ مظلوم فلسطيني ڀائرن جي امداد لاءِ جمع ٿيل فنڊ امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان کي پيش ڪيو ويو.امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان مارچ ۾ شريڪ ٻارن ۽ استادن کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ٻارن کي شهيد ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان جو تعليمي نظام آمريڪا کي دهشتگرد رياست نه ٿو ٻڌائي، آمريڪا اڄ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو