فضل الرحمان پ پ خلاف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري پيو: قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، خواجا آصف غير پارلياماني تقرير ڪئي.اسلام آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ سياسي پارٽين سان ملاقاتون ڪيون آهن.عدالت ۾ پيشي بابت سندس چوڻ آهي ته گذريل ٻڌڻي تي جج استغاثه کي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ چيو هو.شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري بل تي تحفظات آهن، حڪومتي اتحادي پارٽين کي به چونڊ سڌارن واري بل تي تحفظات آهن.هن چيو ته رضا رباني به چونڊ سڌارن واري بل تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، تحريڪ انصاف کي چونڊ سڌارن واري بل کان پري رکيو پيو وڃي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت کان چونڊيل حڪومت جو ڪم وٺڻ بي ايماني هوندي.شاهه محمود قريشي اهو به چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي نالن تي ن ليگ اندر کان تحفظات سامهون آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو