مولانا سان جين ميريٽ جي ملاقات،علائقائي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، پوليٽيڪل سيڪريٽري سام فليچر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتي، ميڊيا سيل جي يو آءِ پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان چيو ويو آھي تھ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي بحث سميت افغانستان ۽ ڀارت سان پاڪستان جي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،افغانستان ۾ عورتن جي تعليم سميت افغان پناهگيرن جي واپسي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، برطانوي هاءِ ڪمشنر جي مولانا فضل الرحمان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي، مولانا فضل الرحمان چيو تج عالمي برادري کي صلاح آهي ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ معاملا گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪيا وڃن.مغرب ۽ اسلام جي ثقافتي ورهاست کي تسليم ڪيو وڃي،هو عورتن جي تعليم جا حامي آهن پر افغانستان جي اسلامي ۽ پشتون پس منظر کي سامهون رکندي اتي جي حڪومت عورتن جي تعليم لاءِ ماحول پيدا ڪري رهي آهي،افغانستان ۾ امن امان جي قيام ۾ بتدريج بهتري اچي رهي آهي، امن امان جي قيام سان گڏ اهي مسئلا به حل ٿي ويندا، افغانستان ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ وارن کي غزه جي عورتن ۽ ٻارن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جتي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن،غزه ۾ بمباري ڪري 4000 عورتون، 6000 ٻار ۽ 20000 شهري شهيد ٿيا،مولانا وڌيڪ چيو تھ مغرب اڃا به اسرائيل جي حمايت ڪري رهيو آهي،مغرب کي پنهنجي روش تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي،امن جي نالي تي غزه ۾ قتل عام بند ڪيو وڃي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي بند ڪئي وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو تھ عورتن جي تعليم جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنو پر هتي مقامي اسلامي ۽ پشتون روايتن ۽ ثقافت کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله، جلال الدين ايڊووڪيٽ ۽ مفتي ابرار به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو