اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) احتساب عدالت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا جي عدالتي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن ريفرنس ۾ فرزانه راجا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو..اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اصغر علي بي آءِ ايس پي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ته فرزانه راجا طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي فاضل جج ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته فرزانه راجه ريفرنس داخل ٿيڻ کان پوءِ کان وٺي هينئر تائين عدالت ۾ پيش ناهي ٿي.هڪ سال کان حاضري کان ڇوٽ ورتي پئي وڃي. خبر پئي آهي ته فرزانه راجا 19 سال اڳ پاڪستان کان آمريڪا منتقل ٿي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي فرزانه راجا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ فرزانه راجا کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. عدالت شريڪ جوابدار راجه عبدالمناف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاءِ سمورن جوابدارن کي طلب ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










