فردوس شميم نقوي جي ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽيپو سلطان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ فردوس شميم نقوي سميت ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.9 مئي سانحي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي اعتراض ڪندي چيو ته هڪ جوابدار جون ٻه درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، پهرين درخواستن جو مسئلو حل ڪيو پوءِ ضمانت تي فيصلو ڪيو ويندو.عدالت ڪيس ۾ 17 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو