فاطمه ڪيس بابت کُلي نه ٿو ڳالهائي سگهان: عمر سومرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران انساني حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي نگراني قانون واري صوبائي وزير انساني حقن عمر سومرو ڪئي، ريلي ۾ سيڪريٽري انساني حقن جي سيڪريٽري تحسين فاطمه، سيڪريٽري قانون ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري، چيئرمين هيومن رائيٽس ڪميشن، ڊپٽي سيڪريٽري هيومن رائيٽس، تنظيمن جي اڳواڻن سميت ٻين کاتن سان تعلق رکندڙ مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي انساني حقن بابت نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي قانون واري صوبائي وزير انساني حقن جي عمر سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي ۽ اسان اها ذميواري پوري ڪنداسين. عمر سومرو وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ جو وقار بلند ڪرڻ آهي، مان جڏهن هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ شامل ٿيس ته مون کي ٻڌايو ويو ته هي پوسٽ آفيس طرح آهي، انساني حقن کاتي پاران اسان انساني حَقن حوالي سان ريلي ڪڍي آهي. انساني حقن واري وزير چيو ته اسان هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ جو ڪمپلين سيل ٺاهيو آهي ۽ ڪال سينٽر کي به بهتر ڪيو آهي، لائيو ڪالون هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ جي ڪمپلين سيل ۾ ورتيون وينديون، انساني حقن واري وزير چيو ته جيڪو غزه ۾ ٿي رهيو آهي ان جي مثال ڪٿي به نٿي ملي اسان سڀ ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ هجون چاهيون ٿا ته سيز فائر ٿئي، غزه ۾ انساني حقن جي خطرناڪ صورتحال سڀني جي سامهون آهي، فلسطين ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، غزه ۾ فلسطينن تي اسرائيلي ظلم ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، عالمي برادري غزه ۾ جنگبندي لاءِ فوري ڪوششون ڪري، عمر سومرو چيو ته اسان کان اڳ انساني حقن واري آفيس ۾ قائم شڪايتي سيل جي ڪال سينٽر جي حالت خراب هئي، سنڌ جي انساني حقن کاتي جي سموري بجيٽ ٻن اين جي اوز کي وڃي پئي، جنهن جي مان مخالفت ڪئي، شڪايتي سيل ۾ ڪرپشن، گهريلو تڪرار ۽ زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، محمد عمر سومرو چيو ته فاطمه ڪيس ۾ کليل ڪري ڳالهائي نٿو سگهي، ان کي گهرو کاتو ڏسي رهيو آهي، ڊي اين اي مليو آهي، جنهن جي ذميواري گهرو وزارت جي آهي، نگران حڪومت روزاني جي بنياد تي آفيسرن کان فاطمه فرڙو ڪيس جي روزانو بنيان تي آفيسرن کان رپورٽ وٺي رهي آهي، عمر سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته انساني حقن جي ڪمپلين سينٽر جي ڪارڪردگي ٽن مهينن ۾ سڀني جي سامهون هوندي، شڪايت جنهن پوليس آفيسر کي ٿيندي جيڪڏهن پوليس آفيسرن پاران شڪايت جو ازالو نه ڪيو ويو ته اعليٰ آفيسرن تائين ڳالهه پهچائي ويندو، انساني حقن واري کاتي ۾ پهريان کان ڪافي بهتري آئي آهي ۽ عوام ۾ به آگاهي مهم هلائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو