فاطمه ڪيس: اسد شاهه وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

فاطمه ڪيس: اسد شاهه وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور (ن س)راڻيپور جي عدالت حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اسد شاهه کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،جوابدار اسد شاهه کي منهن تي ڪپڙو ويڙهي راڻيپور ايٽ سوڀوديرو سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو،فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه کي گذريل ڏينهن روپوش قرار ڏنو هو، حنا شاهه جو پيءُ فياض شاهه ۽ سندس پٽ به روپوش آهن،راڻيپور ۾ پير جي اوطاق تي ڪٺ دوران صحافين ۽ پوليس کي ڌمڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار نوجوان اڪبر ڪلهوڙو کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،عدالت جوابدار اڪبر کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،نوجوان گار گند ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي صحافين کان معافي وٺي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو