فاطمه ڦرڙو ڪيس: شاهه ۽ ميراثي رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

فاطمه ڦرڙو ڪيس: شاهه ۽ ميراثي رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

خيرپور(ن س) معصوم فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز ميراڻي ٻيهر رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيا ويا آهن،15ڏينهن رمانڊ واري استدعا رد، عدالت پاران اسد شاهه ۽ امتياز ميراثي 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو،معصوم فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا،سي ٽي ڊي اختيارين عدالت کان جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز ميراثي جو 15 ڏينهن جو رمانڊ گهريو، پر عدالت 5 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدارن کي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو