فاطمه ڀٽو ڳڙهي خدا بخش پهچي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري

نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو)ُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد ميرمرتضي ڀٽو جي نياڻي محترمه فاطمه ڀٽو سکر ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد سوين گاڏين جي جلوس ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي جتي شهيد ذولفقار علي ڀٽو ،شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو،  شهيد بينظيرڀٽو ، شهيد شاهنواز خان ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽گلن جون  پتڙيون نڇاور ڪري فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي شهيدن جي چاهيندڙ هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي محبوب قائدن جي نياڻي فاطمه ڀٽو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو، جيئي ڀٽو،ڀٽو جو وارث ڀٽو آ جي جذباتي نعريبازي هڻندا رهيا ۽ فاطمه ڀٽو ڪارڪنن جي نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏيندي رهي. جڏهن ته عنايت حسين عمراڻي، محمود علي ڀٽو، اعجاز ڀٽو، ممتاز شيخ، فهيم ڀٽو، ڪامريڊ نصير جروار، اختيار سمون ٻيا به موجود هيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو