راڻيپور (اسٽاف رپورٽر) راڻيپور ۾ معصوم فاطمه کي مبينه تشدد ڪيس ۾ مرڪزي جوابدارن جي مدد ڪرڻ جي شڪ ۾ حراست هيٺ چئني ماڻهن کي بي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو فاطمه کي مبينه تشدد ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت چئني تحويل هيٺ جوابدارن کي پوليس بي ڏوهه قرار ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو اڳوڻو ايس ايڇ او امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ سميت ايم ايس رورل هيلٿ سينٽر علي حسن وساڻ ۽ وڏو منشي محمد خان کي به پوليس آزاد ڪري ورتو گذريل ڏينهن راڻيپور ۾ مبينه تشدد ۽ جنسي زيادتي سان مارجي ويل فاطمه قتل ڪيس جي پوليس انڪوائري آفيسر محمد بچل قاضي جو عدالت ۾ چوڻ هو ته هن ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا هاڻي هي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾هلندو عدالت جوابدار اڪبر ڪلهوڙو کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته جوابدار اسد شاهه ۽ پٽيوالي کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو هو ٻئي پاسي فاطمه قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ جوابدار اسد جي ڊرائيور اعجاز قاضي تي سرڪار جي فرياد تي سهولتڪاري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو اعجاز قاضي ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي زال حنا شاهه ۽ ان جي والد فياض شاهه کي اڻچاتل هنڌ تي منتقل ڪيو هو ۽ اعجاز قاضي کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو.
