فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، ٻڌڻي ملتوي

خيرپور (ن س) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، فاطما ڦرڙو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ بابت جوابدار ڌر جي وڪيل کي دليل ڏيڻ لاءِ 18 جنوري تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي، خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فاطما ڦرڙو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻيءَ دوران جوابدار فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول فاطما ڦرڙو جا والدين به پيش ٿيا،جوابدار ڌر جي وڪيلن ڪيس سيشن عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست تي دليلن لاءِ وقت گھري ورتو،ايڊووڪيٽ اقبال شر موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي وڪيل کي گهربل دستاويز ڏنا ويا آهن،ايڊووڪيٽ اقبال شر چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار ڌر جو وڪيل ڪيس هيٺين ڪورٽ ڏانهن منتقلي واري درخواست تي دليل ڏيندو،دهشتگردي ٽوڙ عدالت، جوابدار ڌر جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ لاءِ تياري سان اچڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو