فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي جج جي موڪل سبب ملتوي

خيرپور (ن س) راڻيپور جي پيراڻي حويليء ۾ بيدري سان قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي سلسلي ۾ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،ڪيس جي جوابدارن اسد شاھ جيلاني، فياض شاه جيلاني، حنا شاھ، امتياز ميراسي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جج نديم بدر قاضي موڪل تي هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي جنهن سبب جوابدارن کي 8 فيبروري تي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو