فائر بندي جي خلاف ورزي تي پاڪستان جو ڀارت سان احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪنٽرول لائين تي فائربندي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪميشنر کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪميشنر سان پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته 2 ۽ 5 مئي تي ڀارت پاران ڪنٽرول لائين تي فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان واري پاسي کان 3 بيگناه ماڻهون شهيد ٿيا آهن. پاڪستاني نمائندي ڀارتي ڊپٽي ڪميشنر کي وڌيڪ ٻڌايو ته 2 مئي رخچڪري سيڪٽر ۾ 15 سالن جو ٻار طاهر حفيظ ۽ سندس 9 سالن جي ڀيڻ طاهره زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته 5 مئي تي ڪيل ڀارتي فائرنگ جي نتيجي ۾ هاٽ اسپرنگ ۽ ڪوٽ ڪوٽيرا سيڪٽر ۾ نسرين بيبي ۽ سندس 12 سالن جو پٽ محمد زاهد ۽ سونيا بيبي پڻ زخمي ٿيا هئا. ڊاڪٽر فيصل ڀارتي نمائندي سان احتجاج ڪندي چيو ته ڀارتي فورسز ڪنٽرول لائين تي بيگناه شهرين تي هرو ڀرو فائرنگ ڪن ٿا. هن چيو ته شهرن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائن هڪ پاسي ڪنٽرول لائين تي فائربندي جي خلاف ورزي آهي ٽه ٻئي پاسي انساني حقن جي لتاڙ پڻ آهي. ڊاڪٽر فيصل هن تي زور ڀريو ته 2003ع ۾ ٿيل فائربندي واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي خلاف ورزي بند ڪئي وڃي. ڊاڪٽر فيصل اهو به ڀارتي نمائندي کي چيو ته اقوام متحدا جي فوجي مبصرن کي متاثره علائقي جو دورو ڪرايو وڃي ته جيئن اصل صورتحال سامهون اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو