غير ملڪي پاڪستان جي معشيت تي بار آهن،انهن واپس اماڻيو وڃي

حيدرآباد (ن س ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ اوڀايو جوڻيجو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي پاڪستان جي معشيت تي بار آهن. پاڪستان کي افغانستان بڻايو پيو وڃي. ڪراچي کي ڪابل بڻائڻ قبول ناهي. لکين افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا. افغانين جو وڏو تعداد سنڌ ۾ آباد آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري سمورن غير قانوني افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. پناهگيرن کي ڪيمپن ۾ ترسايو وڃي. غير ملڪين ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ھٿيارن، دهشتگردي، اسمگلنگ ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ افغانين سميت ٻيا غير ملڪي ملوث آھن. جن خلاف ڪابہ قانوني ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو تہ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪم ڪندڙ اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 37 لک افغاني رهن ٿا. اھا رپورٽ بہ اڻپوري آھي جڏھن تہ ملڪ ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جو تعداد ان کان بہ وڌيڪ آھي.فقط 13 لک افغاني پاڪستاني عملدارن وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن. دنيا جي ڪنھن بہ قانون ۾ ناهي تہ غير ملڪين کي شهرن ۾ ترسايو وڃي پر پاڪستان ۾ ترسيل 68 سيڪڙو کان وڌيڪ غيرقانوني افغاني وڏن شهرن ۾ آباد آهن. اسين سمجهون ٿا تہ ملڪ ۾ آباد اهي افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي پاڪستان جي معشيت تي بوجھ برابر آهن. لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري ملڪ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي ملڪ مان نيڪالي جو حڪم ڏنو هيو پر ان تي بہ هن وقت تائين ڪو بہ عمل ناهي ڪيو ويسو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تہ سنڌي قوم کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ گھڻ طرفي منصوبا بندي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ ھڪڙي پاسي افغانين سميت لکين ڌارين جون لوڌون آنديون پيو وڃن تہ ٻي پاسي ڪچي جي ڌاڙيلن رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري ڇڏي آھي. ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن خلاف سخت آپريشن نٿو ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي تہ سنڌ ۾ آباد افغانين ۽ سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي .نادرا طرفان لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا آھن جيڪي رد ڪيا وڃن. ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو