سانگي ڦرهو/ملڪاڻي/پنگريو/نندو (ن س ) 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ اعلانيل سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جو بدين ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو. ڳوٺاڻا ريلي ۾ شرڪت لاءِ پرجوش. سانگي ڦرهو لڳ ڳوٺ ڪولهي ڪالوني جي سمورن ڳوٺاڻن جو عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان. تفصيلن موجب بوگس ڊجيٽل آدمشاري، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي، حڪومت جي سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ، ڌارين جي يلغار ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان 15 آڪٽوبر 2023ع تي بدين ۾ اعلانيل ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مهراڻ درس، لکمڻ، جيون ڪمار فاضل زئور اياز هاليوپوٽو ۽ پرشوتم سانگي ڦرهو، ملڪاڻي، پنگريو، کوسڪي، ڏيئي، ڪولهي ڪالوني، نندو، رامجي ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، گل محمد لاشاري، گومندو ڪولهي، گجو ڪولهي ۽ سانگي ڦرهو خليفو قاسم ۾ ڪارنر گڏجاڻيڻ ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ افغاني، برمي، بهاري ۽ ٻيا غيرملڪي سنڌ سان گڏ پاڪستان جي سالميت لاءِ به خطرو آهن. افغاني پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائي سنڌ جا شهري سڏائين ٿا. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي پيپلز پارٽي انهن افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي سنڌين مٿان مسلط ڪيو آھي. ڊجيٽل آدمشماري تحت ٿيندڙ تڪبندين ۾ هڪڙي پاسي ٺٽي، سجاول، خيرپور، سانگھڙ ۽ شڪارپور جون چار قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جون سيٽون گهٽايون ويون آهن ته ٻي طرف ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي قبضي هيٺ آيل ڪراچي جي مخصوص علائقن جون سيٽون وڌائي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي عوام جي سيني مٿان سوار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي به تيزيء سان ڌاڙا هنيا پيا وڃن. پنجاب جو حڪمران سنڌو دريا کي سڪائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. معدينيات سان مالا مال ضلع بدين جا ماڻهو بکن سبب خودڪشيون پيا ڪن ۽ سمورا اسڪول اسپتالون ۽ روڊ تباه حال بنيل آهن ۽ انهن جي ترقي لاءِ منظور ٿيل لکين روپيا بجيٽون ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿيون۔ هن ملڪاڻي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلع ۾ پيل سرڪاري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن ۽ ننڍا ننڍا بنا وياج جي قرض ۽ ٽريڪٽر ڏنا وڃن جنهن سان زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو۔
