لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ترجمان مسرت جمشيد چيما جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪو به غير آئيني قدم کنيو ويو ته ان تي آئين جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.هڪ بيان ۾ پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو ته پنجاب جي گورنر کي وڏي وزير کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ گورنر وٽ اهو اختيار ناهي ته هو اسيمبلي اجلاس دوران اسيمبلي جو اجلاس سڏائي.ترجمان چيو ته راڻاثنا الله گذريل ڏينهن پنهنجي بيان تان ڀڄي ويو آهي، جيڪڏهن ڪو غير آئيني قدم کنيو ويو ته سندس خلاف آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.مسرت جمشيد چيما چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ اڄ گورنر هائوس ٻاهران عوام جي اعتماد جو فيصلو ڪيو ويندو.










