غلط خبر پکيڙي وئي تھ مون ڪنهن کي چماٽ ھنئي،شير افضل مروت

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته غلط خبر پکڙجي وئي تھ مون ڪنهن کي چماٽ ھنئي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت جو چوڻ هو ته وڊيو ۾ ڪٿي ٿف نظر اچي ٿي هو ڪارڪن نھ پر منهنجو محافظ هو.هن چيو ته اسان ڪيسن تي پريشان ناهيون، اھي هلندا رهندا،شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته اسان کي سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کان محروم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو