پ پ جو موقف چٽو آهي ته اليڪشن وقت ٿيڻ گهرجن: نادر مگسي

شهدادڪوٽ: ( ن س ) پيپلز پارٽي جو موقف واضع ۽ چٽو آهي ته اليڪشن وقت ٿيڻ گهرجن، هاڻ ڏسون ته اليڪشن ڪئميشن ڪڏهن ٿي پنهنجا ڀهانا ختم ڪري اليڪشن جو اعلان ڪري ٿي اسين هر وقت اليڪشن لاء تيار آهيون. پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم پي اي مير نادر مگسي، شهدادڪوٽ جي تعلقا اسپتال ۾ اين آء سي وي ڊي قائم ڪرائڻ لاء جڳھ جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کٿل آهن، اسان جي پارٽي جو موقف چٽو ۽ واضع آهي ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجن خبر ناهي ته اليڪشن ڪئميشن ڪهڙا بهانا ٿي ڪري هاڻ ڏسون ته ڪڏهن ٿي اليڪشن جو اعلان ڪري اسين هر وقت اليڪشن جي لاء تيار آهيون هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ ايندڙ وقت به پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي خدمت جاري رکندي، مير نادر مگسي وڌيڪ چيو ته شهدادڪوٽ تعلقا اسپتال سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڌنگ تي آهي جيڪا بلوچستان جي چئن ضلعن سميت اڌ ضلعي قمبر کي ڪور ڪيون بيٺي آهي جنهن جي ڪري اسپتال ۾ اين آء سي وي ڊي جي قيام لاء مٿي ڳالھ ٻول ٿي وئي آهي هن وقت اسپتال جو دورو ڪري بلڊنگ ۽ اسپتال جا مسئلا معلوم ڪيا آهن، اسپتال ۾ پي ڊي ايم اي ڊپارٽمينٽ پاران غريبن لاء 1122 سروس جاري آهي ۽ هاڻ 10 بيڊن تي مشتمل ايمرجنسي وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي جنهن کي ڏسي خوشي ٿي آهي جيڪو به جلد اسپتال انتظاميه حوالي ڪيو ويندو جيڪو شهرين کي بهترين سهولت ڏيندو، هن چيو ته اسپتال جي ترقي ۽ اپگريڊيشن لاء بجيٽ جي کوٽ آهي جنهن تي به ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاء جلد ڪجھ نه ڪجھ ڪيو ويندو اين آء سي وي ڊي جي قيام لاء گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم جي لاڳت ٿيندي جنهن جو به ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، اسپتال ۾ موجود ڊي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر ذوالفقار تونيو، ايم ايس تعلقا اسپتال ڊاڪٽر محمد صديق کهاوڙ تعلقا اسپتال جي ذبون هالي، نيڪال سسٽم خراب هجڻ، چوديواري سميت پاڙي جي پاڻي جو اسپتال ۾ چوڙ سميت ٻين مسئلن بابت آگھ ڪري لکت پيش ڪئي جنهن تي مير نادر مگسي اسپتال جي مسئلن جي حل لاء تڪڙا اپاء وٺڻ جي پڻ خاطري ڪرائي، هڪ سوال جي جواب ۾ مير نادر مگسي چيو ته ميهڙ واقعي جي مون کي ڪا به خبر نه آهي مون پنهنجو نالو سوشل ميڊيا تي گردش دوران ڏٺو جنهن بعد فونن تي رابطو ڪري مسئلو معلوم ڪيو هن چيو ته مگسي ۽ چانڊيا برادري جو پاڻ ۾ رشتيداري تي معاملو هلندڙ هو جنهن تان چانڊين اڳ ۾ مگسين جي هڪ مڙس کي ماريو هو جنهن کان پوء چانڊيا ميهڙ لڏي ويا هئا جنهن بعد مگسين چانڊين جو مڙس ماريو آهي مان سياسي ماڻهون آهيان مون جو اهڙي ڪنهن به قسم جي واقعي جي پٽ ڀرائي نه ڪئي آهي نه ئي ڪندس، هن چيو ته قمبر جا چانڊيا چون ٿا نادر مگسي معاملو ڪرايو ۽ بيگناه مون جو نالو خون جي ايف آء آر ۾ پيا نالو ڏيارين جيڪو عمل درست نه آهي هن چيو ته مون ڪڏهن به ام رباب چانڊيو سان نه مليو آهيان ۽ نه ئي ڪڏهن هن جو منهن ڏٺو آهي خبر ناهي الائي ڇو قمبر جا چانڊيا ڀائر مون کي هن جو سپوئٽر ٿا سمجهن، هن چيو ته ڪجھ وقت اڳ قمبر ڀرسان چانڊين برادري جي قتل واري معاملي ۾ قمبر جي چانڊيا ڀائرن جو ايف آء آر ۾ نالا ڏيارڻ لاء احتجاج ڪري رهيا هئا ته مون ئي کيس آمريڪا مان فون تي آگاه ڪيو ۽ ايس ايس پي کي منع ڪيو هو. هن چيو ته اسين سدائين صاف شفاف سياست ڪئي آهي ڪڏهن به خون خرابي ۽ قتل واري سياست جا حمايتي نه رهيا آهيون. اسين عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ عوامي خدمت ڪندا رهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو