غزه ۾ ظلم خلاف آواز اٿاريو، قوتون اسان خلاف متحرڪ ٿيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته 2 اپريل تي خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي پاليسي موجب ووٽنگ ٿيندي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جي يو آءِ غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريندي هر حد کان مٿانهون ٿي ڪري.مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي قوتون اسان جي خلاف متحرڪ ٿي ويون، تازين چونڊن ۾ اسان جو رستو روڪيو ويو، اسان پوري حوصلي سان عوامي تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته جوش ۽ جذبي سان ميدان ۾ نڪرنداسين، جيڪڏهن فيصلا ايوانن ۾ ٿيڻ نه ڏنا ويا ته عوامي اسيمبلين ۾ آواز اٿارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو