سکر(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن سکر کي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق جو خطاب۔ ڪندي چيو آھي ته پاڪستان ۾ عوام کي ڪو به رليف حاصل ناھي ـغريب پريشاني جو شڪار آهي، حڪمران پنهنجي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي، ھن چيو ته دنيا جي مڃيل اداري پلڊاٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جماعت اسلامي بهترين تنظيم آهي، جماعت اسلامي عوام جي خدمت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، الله انسان کي قيمتي بڻايو آهي،انسان پاڻ انسان جي بي توقيري ڪندو آهي، انسان ئي انسان کي قتل ڪري رهيو آهي، وڌيڪ ھن چيو ته مديني منوره کانپوءِ پاڪستان واحد مُلڪ آهي جيڪو نظريئي جي بنياد تي ٺهيو، پر اسان ان مُلڪ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو،؟ـ مُلڪ ٺاهڻ وقت جيڪي قربانيون ڏنيون ويون پر 76 سالن ۾ عوام کي ڪجهه نه ڏنو ويو، اڄ پاڻ جج اعتراف ڪري رهيا آهن ـ1807 انڊين پينل ڪوڊ کي اڃان تبديل نه ڪيو ويو، ھن چيو ته اسٽيسڪو جي چوڪيداري ٿي رهي آهي، ڪڏجن جرنيل، ڪڏهن ججز ته ڪڏهن سياستدان چوڪيداري ڪندا آهن ـ ان مُلڪ تي جرنلن حڪومت ڪئي ـ عمران خان ۽ پوءِ 13 جماعتي حڪومت به عوام کي ڪجهه نه ڏنو ـ اڄ هي سب عوام کي جواب ڏيڻ جي قابل نه آهن، آزادي کان اڳ جيڪو ڪجهه انگريز ٺاهي ويو ان کان وڌيڪ اسان جي حڪمرانن ڪجهه نه ٺاهيو، پاڪستان ۾ انصاف جي فراهمي ناقص آهي، هتي ٻه پاڪستان آهن هڪ امير ۽ هڪ غريب جو آهي ـ پاڪستان ۾ انصاف جا دروازه سون جي چاٻين سان کلندا آهن، ھن چيو ته اڪبر خان 44 سال بعد لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو، 3 سال اڳ فوت ٿي ويو هو 3 مرلا زمين جو معاملو هو ـ معيشت شديد متاثر آهي، بجلي جا بل وڌائي ڇڏيا آهن ـ










