ڪلوئي (رپورٽر)وئي وسري خوشي ۽ خريداري ڪلوئي تعلقي ۾ عيد ويجهو ايندي ڪا به خريداري نه ٿي غريب طبقو سخت پريشان بڻيل دڪاندارن تي گراهڪن جي ٻاڙائي ٿي وئي خبر موجب رمضان شريف جي عيد ويجهو ايندي ئي ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ڪلوئي ستون ميل ونگو بلوچ آباد ٻين هنڌن تي خريداري نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري غريب ماڻهو هيلوڪي عيد مشڪل سان ملهائيندا جڏهن ته ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين اعظم عزيز راضي ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مهنگائي جو طوفان برپا ٿي ويو آهي روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن جڏهن ته پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جا فصل سڪي ويا آهن ڪنهن به قسم جي خريداري نه ڪئي آهي هوڏانهن ڪلوئي تعلقي جي دڪاندارن چيو ته مهنگائي سبب هن سال خريداري نه هئڻ برابر آهي ھنن چيو ته اسان لاکهون روپين جي خريداري ڪري سامان آندو پر گراهڪي نه هئڻ ڪري ڪنهن به قسم جي خريداري نه ٿي سگهي آهي ڪلوئي ڪلوئي تعلقي ۾ رمضان شريف جو سڄو مهينو ڪٿي به ڪا ريٽ لسٽ نه لڳي نه وري ڪٿي ضلعي انتظاميا ڪا ريٽ لسٽ لڳائڻ جي تڪليف ڪئي جنهن سبب سڄو ڏينهن منافي خور غريب ماڻهن کي ٻني هٿن سان لٽڻ لڳا جڏهن ته سرڪار پاران قائم ڪيل اٽي جي اسٽال تان به ڪو غريب ماڻهو فائدو حاصل نه ڪري سگهيا اٽو غريب ماڻهن جي بجاءِ دڪاندارن کي وڪرو ٿيڻ لڳو ڪلوئي عيد اچي وئي درزين وٽ ڪپڙا نه پهتا نه وري بجلي هئڻ ڪري نالي ماتر پيل ڪپڙن جي سلائي ٿي سگهي رمضان شريف جي عيد ويجهو ايندي ئي ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ڪلوئي ستون ميل ونگو سميت مختلف هنڌن تي ويٺل درزيء اوٻاسيون ڏيڻ لڳا جڏهن ته مهنگائي بک بدحالي سبب ڪنهن به قسم جي نه خريداري ٿي سگهي نه وري درزين وٽ ڪپڙو پهتو جنهن ڪري درزي طبقو سخت پريشان بڻيل آهي ڪلوئي هر عيد تي غريب ماڻهن ۾ امدادي راشن ورهائيندڙ مخير حضرات به هن سال ڏکويل ڏيھ ڏانهن اچڻ جي زحمت نه ڪئي هن عيد تي ڪيترن غريب ماڻهن جا چولا اجهاميل رهندا هر سال عيد واري ٽائيم مخير حضرات جي تعاون سان ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويندو هو پر هن سال ڪافي مخير حضرات ٿر جو رک نه ڪيو جنهن ڪري ڪيترن غريب ماڻهن جا چولا اجھامي رهڻ جو خدشو آهي










