عيد جي ٻئي ڏينهن تي سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني جاري

عيد جي ٻئي ڏينهن تي سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جو پهريون ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن تي مسلمان ابراهيم جي روايت تي عمل ڪندي الله جي رستي ۾ جانورن جي قرباني به ڪري رهيا آهن.اڄ عيد جو ٻيو ڏينهن آهي، جيڪي ماڻهو پهرين ڏينهن تي مهمان هئا، اهي اڄ ميزبان بڻجي ويندا. عيد الاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن تي گهرن ۾ دعوتون ٿينديون، مهمان ڳالهيون ڪندا ۽ موڪلن جو مزو وٺندا.ٻئي طرف، صحت جي ماهرن عيد الاضحيٰ تي لذيذ کاڌي تي هٿ هلڪا رکڻ کي ترجيح ڏني آهي.صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ذیابيطس، بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ دل جي بيماري جي مريضن کي خاص احتياط ڪرڻ گهرجي، جگر، گردا، دماغ ۽ آنڊا کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ۽ گيهه، تيل ۽ مصالحن کان به پري رهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو