ٽي ايل پي تي پابندي برقرار، عيد تي 3 ڏينهن موڪل جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار رکن جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فصلن بابت بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي برقرار رکڻ واري تجويز منظور ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ٽي ايل پي جو چونڊ نشان ختم ڪرن لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل اپاءَ وٺندا. هن چيو ته فوجين جي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو خاص الائونس وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اڳ ۾ رينجرز ۽ ايف سي ان ۾ شامل نه هئا پر وزيراعظم انهن جي پگهارن ۾ به فوج جيتري واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا عيد الاضحيٰ جي موقعي تي ٽن ڏينهن جي موڪل جو فيصلو ڪيو آهي. ڪورونا سبب اين سي او سي 5 ڏينهن موڪل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر ڪابينا 20 کان 22 تائين موڪل جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته سوين پاڪستاني جيڪي پرڏيهه ۾ قيد هئا اهي واپس وطن آيا آهن جن مٿان ڪيس ناهن انهن کي واپس آندو ويندو. فواد چوڌري ٻايو ته ڪابينا ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ُڻ پوکڻ جو فيصلو ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو ويڪسين ڪرائي چڪا آهن ڪجهه سازشي ماڻهو شڪ ڦهلائن ٿا انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ نه گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو موجوده حڪمرانن کان وڌيڪ پروٽوڪول اڳوڻن حڪمرانن ۽ ڪامورن وٽ آهي، جيڪو محدود ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي ڪابينا ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته بلاول ڪشمير چونڊ مهم مان مايوس ٿي آمريڪا هليو ويو، مريم سير تي آئي هئي هاڻي گهر وڃي والد جي خرچ تي آرام ڪري. هن چيو ته حليم عادل شيخ تي سنڌ ۾ داخل ڪيسن لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو