عيدن واهه کي 200 فوٽ گهارو، سارين جو تيار ٿيل فصل تباهه

ڳڙھي خيرو (جاويد لغاري) ڊرگھ پور عمراڻي ڳوٺ وٽان عيدن واھ کي 200 فوٽ جو گھارو پئجي ويو جنهن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھاري کي بند ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف آبپاشي عملدارن جي نااھلي خلاف ڳوٺاڻن محمد پريل عمراڻي، محمد علي عمراڻي، لياقت جمالي، بخشل جمالي، سعد الله جمالي ۽ علي گوھر جمالي جي اڳواڻي ۾ شھدادڪوٽ  روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي آبادگارن چيو ته اڄ گھاري کي 24 ڪلاڪ پورا ٿي ويا آهن پر ھن وقت تائين ڪو سرڪاري عملدار ناهي پھتو. جڏهن ته اسان جو لکين روپين جو تيار ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي ڪنهن سار نه لڌي ايس ڊي او آبپاشي جي نا اھلي جي ڪري اسان جو ايترو نقصان ٿيو آهي جيڪڏهن اسان جي فصل جي نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته اسين مين روڊ بند ڪري سنڌ بلوچستان روڊ تي ڌرڻو ھڻنداسين ۽ اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيون ٿا ته فرضن ۾ ڪوتاهي  ڪندڙ آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو