اسلام آباد_(بيورو رپورٽ) پاڪستان حڪومت صحت جي سهولتن تائين عورتن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي اهي عورتون جيڪي ڏورانهن علائقن ۾ رهنديون آهن. اسان هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جتي هر عورت پنهنجي ضرورت موجب صحت جون سموريون سهولتون حاصل ڪري سگهي، جنهن ۾ توليدي صحت جون خدمتون ۽ خانداني منصوبه سازي جون خدمتون به شامل آهن“. قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت اها ڳالهه اسلام آباد ۾ عورتن جي صحت جي حوالي سان ڪئي ويندڙ تحقيق جي رپورٽ جي رونمائي تقريب جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي.تقريب ۾ پاپوليشن ڪائونسل ۽ گٽ ماڪر انسٽيٽيوٽ جي ڀائيواري سان ڪئي ويندڙ هڪ گڏيل ريسرچ جا نتيجا پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي توليدي صحت جي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال کي اجاڳر ڪيو ويو. ڊاڪٽر مختار احمد ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي مائرن جو موت حمل ۽ ٻار سبب سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ اها ريسرچ توليدي صحت جي خدمتن ۾ گڏيل سڌارن جي تڪڙي ضرورت تي زور ڏئي ٿي. ويمنز هيلٿ اسٽڊي سڄي پاڪستان ۾ ڪئي ويندڙ ريسرچ سيريز جي ٽين تحقيق آهي، جيڪا 2002 ۽ 2012 جي اڳوڻي تحقيقن جو تسلسل آهي. هيءَ تحقيق هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن پاڪستاني عورتون توليدي صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن. تحقيق ۾ ظاهر ٿيو ته ٻهراڙي ۽ غربت جي سطح کان هيٺ عورتن جي صحت کي شهري عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرا آهن. هيءَ تحقيق هڪ وڏي حقيقت کان آگاهه ڪري ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ جي آبادي ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو جي شرح سان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ حمل روڪڻ جي طريقن جو استعمال نه پيو ٿئي، ملڪ ۾ 17.3 سيڪڙو شادي شده جوڙا اهڙا آهن، جيڪي حمل روڪڻ جا طريقا استعمال ڪرڻ چاهين ٿا پر نٿا ڪري سگهن. ڊاڪٽر زيبا ستار، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل ان رپورٽ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ”پاڪستان صحت جي شعبي ۾ بهتري جون ڪجهه منزلون طئي ڪيون آهن پر هيءَ رپورٽ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته عورتن جي توليدي صحت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي“. تقريب ۾ ”پاڪستان ۾ عورتن جي صحت“ جي موضوع تي هڪ ماهر پينل مباحثو به ٿيو، جنهن جي ميزباني گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي ڪنٽري ريپريزينٽيٽو ڊاڪٽر لوئي شباني ڪئي. پينل ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غذرا احسن، پريزيڊنٽ ايسوسيئيشن فار مدرز اينڊ نيو بورنز (اي ايم اي اين)، ڊاڪٽر ياسمين صبيح قاضي، سي اي او، ڪيوزي ڪيٽالسٽ: پروفيسر نائله اسرار، اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايف جي پولي ڪلينڪ اسلام آباد: پروفيسر ڊاڪٽر غزاله محمود، پيٽرن ان چيف، سوسائٽي آف آبسٽريشنز اينڊ گائناڪالوجسٽس آف پاڪستان (ايس او جي پي) شامل هيون. انهن ماهرن عورتن جي توليدي صحت جي مسئلن سان گڏوگڏ صحت ۽ خانداني منصوبه سازي جي خدمتن تائين پهچ ۾ گهٽتائي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي. تقريب ۾ ٿيندڙ هڪ ٻئي مباحثي ۾ خيبر پختونخواهه، پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي صحت کاتي ۽ بهبود آبادي جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ خانداني منصوبه بندي جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي صوبن ۽ علائقن ۾ موجود مسئلن کي اجاڳر ڪندي عورتن جي توليدي صحت بابت مسئلن تي ضابطي جي ڪوشش جي عزم جو اظهار ڪيو.










