اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، ان لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون. لوڊشيڊنگ بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، اڳوڻي حڪومت سستي گيس خريد ڪرڻ جو موقعو وڃايو ۽ اسان مهانگي گيس خريد ڪرڻ کان پاسو ڪيو جڏهن ته قطر سان معاهدا ڪيا ويا. اڳوڻي حڪومت الزام هنيا. هن چيو ته گذريل حڪومت پاور پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري هئي، عوام کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ گهربل نتيجا سامهون آيا آهن، عوام مشڪلاتن کان واقف آهي، صورتحال تي ضابطو آندو ويندو.










