عوام ڄاڻي ٿو ڏکئي وقت ۾ ملڪ مان ڪير ڀڄي ويو: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي.سيهون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته ڏکئي وقت ۾ ڪير گڏ رهيو ۽ ڪير ملڪ مان ڀڄي ويو.هن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ماضي ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهيا ۽ ناڪام ٿيا، هن ڀيري سنڌ ۾ اڻ کٽ اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته بشير ميمڻ پوليس وارو آهي، کيس سياست جو گهڻو تجربو ناهي.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ ۾ دير ٿي وئي، 8 فيبروري پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينهن هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو