ٺٽو (ن سنڌيار)جهمپير ۾ عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي سڏ تي حيدراباد ۾ ڌارين هٿان بيدردي سان قتل ٿيل سنڌي نوجوان بلاول ڪاڪا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ توڙي سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين آبادڪاري خلاف احتجاج مظاهرو ڌرڻو نعريبازي ڪئي وئي.پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ٿيل عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو تفصيل موجب عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي سيڪريٽري شاه محمد چانگ .مشڪور پالاري صدام چانگ سراج پالاري جي اڳواڻي ۾ جهمپير باء پاس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي ٺٽي جي سيڪريٽري شاه محمد چانگ مشڪور پالاري خطاب ڪندي چيو ت سنڌ اندر سنڌي نوجوانن سميت سنڌين جو قاتلي عام ڪيو پيو وڃي ۡحيدراباد ۾ بي دردي سان قتل ٿيل بلاول ڪاڪا جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي هنن وڌيڪ چيو ت سنڌ حڪومت سنڌ ۾ لکين غير ملڪي ڌاريان اباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيوپيو وڃي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي روڪي سمورن غير قانوني رهندڙن غير ملڪي افغانين بيهارين بنگالين جا جعلي شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل رد ڪري کين نيڪالي ڏئي واپس موڪليو وڃي سنڌي ابادين کي پڪو ڪري کين مالڪانا حقوق ڏنا وڃن هنن مطالبو ڪندي چيو ت عوامي تحريڪ طرفان پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوه گرفتار ڪيل لاڙڪاڻي ضلعي آرگنائيزر ذوالفقار ميراڻي سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز ڊانچو سميت سڀني ساٿين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.










