عوامي تحريڪ جو اجلاس، 13 آڪٽوبر تي جلسي جو اعلان

حيدرآباد (ن س) موجب عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اهم اجلاس مرڪزي صدر لال جروار جي صدارت ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي زمينن جي نيلامي، سامونڊي پٽي تي والار، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، مهانگائي ۽ دريا تي ڊيمن خلاف جدوجهد جو دائرو وڌائيندي 13 آڪٽوبر تي ٽنڊولهيار ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي اهم مسئلن تي 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ رٿيل ريلي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت جي رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ شينهن رند جو ڏهاڙو ۽ عوامي جلسي عام جو پروگرام 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 18 نومبر تي نصيرآباد ۾ جشن لطيف ڪوٺايو ويندو جڏهن ته 20 آڪٽوبر تي شاهپور چاڪر ۾ لطيف جون سورميون جي عنوان سان پروگرام ۽ جلسي جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۽ مٺي ۾ جيجي زرينه بلوچ جي ورسي جا پروگرام ڪيا ويندا. 8 ڊسمبر تي ڪرمپور ۾ عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ امان اللھ ٻپڙ جي ورسي جو پروگرام ۽ جلسي جو فيصلو ويو. 10 ڊسمبر تي نامياري شاعر عبدالڪريم گدائي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. اجلاس ۾ 10،11 ۽ 12 نومبر تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ پٻڻ شريف ۾ ٽن ڏينهن جي رٿيل تعليمي تربيتي ورڪشاپ جي رٿابندي ڪئي وئي.ان موقعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سنڌ سميت ملڪ ماسن لکين غيرقانوني غير ملڪين کي فوري طور تي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. افغانين ملڪ جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. پاڪستان کي دهٽگتردي جو آکاڙو بنايو ويو آهي. منشيات، اسگلنگ، هٿيارن جي وڪري سميت هر غيرقانوني عمل ۾ افغانين جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن. افغاني ملڪ جي سالميت لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته زرعي انقلاب جي آڙ ۾ سنڌ جون زمينون پرڏيهي سرمائيدارن ۽ ڏيهي قبضاگيرن حوالي ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي جي دور ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي تيز ٿي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي رڪارڊ تباهي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جاري رهندي. عوامي تحريڪ سنڌ جي جهر جهنگ، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ سنڌي قوم کي سجاڳي جو سڏ ڏيندي. آدمشماري جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. پيلز پارٽي اقتداري لالچ ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آهي. سنڌ جي دريا تي ڪو به ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري انڊس ڊيلٽا جو تحفظ ڪيو وڃي.اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، عمره سمون، ماه نور ملاح، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، سرواڻ جتوئي، مهراڻ سنڌي، قادر ڀٽو، ڊاڪٽر سعيد ميمڻ، عبدالرحمان سمون، علي محمد پرويز، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ آصف کوسو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو، دائود ڏاهري، ڄام تماچي، نجيب مهيسر، حسين سومرو، گهنور خان زئور، مهراڻ سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو