ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪامران ٽيسوري سنڌ جي 34هين گورنر طور حلف کڻي ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ گورنر هائوس ۾ ڪامران ٽيسوري کان حلف ورتو.تقريب ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير، ايم ڪيو ايم اڳواڻ به شريڪ ٿيا. سنڌ جي نئين گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته مون کي جيڪي فرض ڏنا ويا آهن، اهي سٺي نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس. گورنر هائوس ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته مان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، صوبي جي مسئلن تي هر فورم تي آواز اٿاريندس. واضح رهي ته سنڌ جي گورنر جو عهدو عمران اسماعيل جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي پيل هو، اپريل ۾ عمران خان جي وزيراعطم آفيس مان برطرفي کانپوءِ عمران اسماعيل عهدو ڇڏي ڏنو هو.










