ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قانون، اوقاف ۽ عشر زڪوات کاتي جي نگران وزير عمر سومري حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري. عمر سومرو حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهتو، جتي مذهبي معاملن ۽ عشر زڪوات کاتي جي سيڪريٽري منور علي مهيسر سندس آجيان ڪئي.نگران وزير عمر سومري مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، سيڪريٽري منور علي مهيسر کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو.انساني حقن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڪراچي به نگران وزير سان گڏ هئا.
