عمر ايوب جي گهر تي ڇاپو،معاملو اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو آهي، پوليس طرفان اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي اسلام آباد ۾ واقع گهر تي ڇاپو هنيو ويو.ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جي گهر پوليس بنا اجازت نٿي اچي سگهي او معاملو مان پارليامينٽ ۾ اٿاريندس. عمر ايوب موجب سرگودها جي دهشتگردي جي عدالت ۾ منهنجو ڪيس هلي رهيو آهي، نه نوٽيس نه ڏنو ويو نه ئي وري جاري ٿيل وارنٽ بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته ميانوالي پوليس اسلام آباد پوليس سان گڏ گهر تي ڇاپو هنيو آهي، مان ان وقت گهر ۾ نه هئس. عمر ايوب چيو ته مون قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي به پوليس جي ڇاپي بابت آگاهي ڏني آهي. اپوزيشن اڳواڻ موجب سيڪريٽري ٻڌايو ته پوليس ڇاپي بابت مون کي ڪابه اطلاع نه ڏني وئي آهي.اپوزيشن اڳواڻ وڌيڪ چيو ته فارم 47 جي پيداوار وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ايجنسين سان گڏ اپوزيشن اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿيون. مان کين ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته پي ٽي آءِ باني جي وزيراعظم بنجڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو