عمران کي آزاد ڪرڻ حڪومتي ڪميٽي جي هٿ ۾ ناهي: امير مقام

عمران کي آزاد ڪرڻ حڪومتي ڪميٽي جي هٿ ۾ ناهي: امير مقام

پشاور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي هٿ ۾ ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي آزاديءَ جو حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي سان ڪو به تعلق ناهي، تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي کي ملڪي مفاد ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرجي.امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي، ڳالهيون ٿينديون؟ تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني کي عدالت ذريعي آزاد ڪري.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني عدالت ۾ بيگناهي ثابت ڪري، سندس ڊڪشنري ۾ ملڪ جو مفاد ناهي.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ جو مفاد رڳو پنهنجو آهي، ڇا 9 مئي جا واقعا ۽ اسلام آباد تي حملو پي ٽي آءِ جي باني ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو هو؟امير مقام اهو به چيو آهي ته پرويز خٽڪ ڪابينا ۾ شامل ٿيو ته کيس ڀليڪار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو