اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهبازشريف چيو اهي ته عمران نيازي پاران زهر اوڳاڇڻ ۽ طعنا قوم کي مايوس ڪري رهي اآهن سومر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پاران زهر اوڳاڇڻ ۽ طعنا قوم کي مايوس ڪري رهيا آهن ان جي ڪوڙ تي ٻڌل سياست روزانو بي نقاب ٿي رهي آهي شهبازشريف چيو ته عمران خان کي اقتدار ۾ واپس اچڻ جي وڏي بيچيني آهي ۽ هو ڪرسي لاءِ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاهي ٿو.










