عمران ۾ جرئت هئي ته بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏي ها: شازيه مري

عمران ۾ جرئت هئي ته بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏي ها: شازيه مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته شوڪت خانم ٽرسٽ لاءِ ملندڙ چندو پنهنجي سياسي پارٽي جي نالي تي وٺڻ ڇا چوري نه آهي تفصيل مطابق وفاقي وزير شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان ۾ جرئت هئي ته بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏي ها عمران خان کي چور دروازي کان اقتدار ۾ آندو ويو هو هو چور دروازي کان ڀڄي ويو هن چيو ته عمران خان پهريان چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ تي خوش آيهان پوءِ ان کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون عمران نيازي فارن فنڊنگجي فيصلي کي روڪڻ لاءِ به اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي شازيه مري چيو ته پي ٽي آئي 10 ڀيرا فارنگ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو روڪڻ جي درخواست ڏني عمران خان جي خواهش آهي تها ليڪشن ڪميشن کيس صادق ۽ امين قرار ڏي وفاقي وزير چيو ته پابندي پيل ۽ شڪي اڪائونٽس سان ٿيندڙ فنڊنگ اڻ ترديد جوڳي حقيقت آهي شوڪت خانم ٽرسٽ لاءِ ملندڙ چندو پنهنجي سياسي پارٽي جي نالي تي وٺڻ چوري نه آهي ته ٻيو ڇا آهي هن چيو ته سچ سچ ٻڌايو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪيتري قيمت ملي هئي ڪنهن جي ايجندي تي تون ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. لنڊن ۾ ميئر جي چونڊ ٿئي ٿي ته عمران پاڪستاني ڄائي اميدوار صادق خان جي خلاف مهم هلائي ٿو ڀارت ۾ اليڪشن ٿي ته مودي جي کٽڻ جي خواهش ظاهر ڪئي شازيه مري چيو ته ملڪ ۾ غريب وڌيڪ غريب جڏهن ته بشريٰ ۽ گوگي امير بڻجي ويا. عمران خان بشريٰ ۽ گوگي کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو