ڪالعدم تنظيمن جا حامي وزير قبول ناهن، بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران عمران خان کي سليڪٽيڊ وزيراعظم، نالائق ۽ نااهل جڏهن ته اسد عمر کي پڙهيو لکيو جاهل ڪوٺڻ تي قومي اسمبلي جي ايوان ۾ هنگامون، سرڪاري ميمبرن جو گوڙ پنهنجي سيٽن تا اٿي آيا. اسپيڪر به ناراض، بلاول جا اعتراض جوڳا لفظ ڪاروائي مان خارج ڪري ڇڏيا. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مون چيو هو ته ڀارتي وزيراعظم گجرات جو ڪاسائي آهي، مودي اليڪشن کٽڻ لاءِ ايٽمي جنگ ڪرائڻ چاهي ٿو، پ پ چيئرمين چيو ته منهنجي غيرموجودگي ۾ هڪ وزير منهنجي خلاف نامناسب لفظ استعمال ڪيا، ڪنهن ميمبر جي غيرموجودگي ۾ سندس خلاف ڳالهائڻ مناسب ناهي. هن چيو ته اوهان مونکي، شهيد بي بي، شهيد ڀٽو ۽ فاطمه کي به ملڪ دشمن ۽ دهشتگرد سڏيو پر جيڪڏهن مونکي تقرير ڪرڻ نه ڏيندا ته وزيراعظم به ڳالهائي نه سگهندو، اسين هن کي پارليمان ۾ داطل ٿيڻ به نه ڏينداسين. بلاول گهرو وزير اعجاز شاهه بابت ڳالهائيندي چيو ته هن تي امريڪي صحافي ڊينئل پرل جي قتل جو الزام آهي، اهڙن ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪر اوهان دنيا کي ڪهڙو پيغام ٿا ڏيو دهشتگردن سان لاڳاپن واور ماڻهون ڪابينا م شامل آهن.  اعجاز شاهه بندش پيل تنظيمن سان گڏجي چونڊون وڙهيون، حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ سنجيده آهي ته ان وزير کي ڪابينا مان نيڪالي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته جمهوريت دشمن وزير اسان کي خطرو سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته اسان ڊڄي خاموش ٿي وينداسين ته اهو ممڪن ناهي. بلاول چيو ته اسان ضيا ۽ مشرف جهڙن آمرن کان نه ڊناسين ته هي ڪٺ پتلي وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهن. اسان سندن غريب دشمن پاليسيون وائکيون ڪندا رهنداسين، بلاول چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو، ان مان حڪمرانن جي نااهلي ئي ثابت ٿئي ٿي، تنهنڪري ناڻي واري وزير سميت ڪابينا ۾ تبديلي آندي وئي آهي. هن چيو ته موجوده ڪابينا مشرف ۽ پي پي دور جي ماڻهن تي مشتمل آهي، هنن وٽ اهل ماڻهو ناهن. بلاول جي تقريردوران هل هنگامي سبب ڪاروائي اڱاري جي صبح تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو