لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ فراهم ڪيل سهولتن جو نوٽيس ورتو وڃي.نيئر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي جيل مينوئل کان علاوه اضافي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.هن سوال اٿاريو ته ڇا جيل مينوئل ۾ قيدي کي ايڪس سائز مشين ۽ گھمڻ لاءِ گيلري ڏني وئي آهي؟ ڇا پي ٽي آءِ جي باني کي جيل مينوئل موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن؟ پ پ اڳواڻ چيو ته اڊيالا جيل گهرو کاتي جي ماتحت آهي، تنهن ڪري پنجاب جو وڏو وزير نوٽيس وٺي.










