عمران خان پاڪستان جو ڪيس وڙهي پيو، معافي ان کان گهرڻ گهرجي

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان پاڪستان جو ڪيس وڙهي رهيو آهي ان ڪري معافي ان کان گهرڻ گهرجي.راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي زرتاج گل چيو ته ڪهڙي سياسي پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ان جو فيصلو پي ٽي آءِ باني ڪندو. هن چيو ته عوام جو مينڊيٽ واپس ورتو وڃي ۽ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو وڃي. عمران خان جيل مان پاڪستان جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، معافي ان کان گهرڻ گهرجي. زرتاج گل چيو ته سياسي پارٽيون ڳالهيون ڪري سگهن ٿيون، پي ٽي آءِ باني ادارن تي يقين رکي ٿو. مينڊيٽ جي واپسي، گرفتار ٿيلن جي آزادي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني آرمي چيف کي خط لکندو ته اها سٺي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو