تهران (ويب ڊيسڪ) ايران سعودي عرب سان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙو اطحار ايران جي صدر پاڪستان جي وزيراعظ،م عمران خان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي اهم دوري تي تهران آچر تي ايران پهتو ۽ ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. جنهن ۾ عمران خان چيو ته هو ڪنهن جي چوڻ تي نه پر ايران ۽ سعودي عرب ۾ وڌيل ڇڪتاڻ هو گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيو آهي. هن چيو ته اسان دوشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار ماڻحن جي قرباني ڏني، افغانستان به گهڻو ڀوڳيو آهي، شام ۾ به تباهي آهي، گلف ۾ جنگ سان تمام وڏي تباهي ايندي اسرندڙ ملڪ متاثر عيندا، تيل جا اگهه 0ڌي ويندا، سعودي ۽ ايران جو عوام ته ڇا پر دنيا تي ان جا اثر پوندا.

هن چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هر معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا بهتر لاڳاپا آهن ۽ هو اڱاري تي سعودي ويندو، مثبٽ ذهن سان ساڻن ڳالهائيندو. هن چيو ته پاڪستان ثالث نه پر سهولتڪر آهي اسين چاهيون ٿا ٻن برادر اسلامي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪريون. هتوهن ڪشمير بابت ايران جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته 90 لک ڪشميري ٻن مهينن کان سخت پابندينون ڀوڳي رهيا آهن ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو نمودار ٿي رهيو آهي. قابض فورسز سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. ان موقعي تي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته پاڪستان سان گهٽا لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان جا شڪر گذار آهيون هن سان جوهري ڊيل واپس ڪرڻ ۽ آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ سميت وسيع موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اهي اهڙا معاملا آهن جن تي ايتان کي ڳڻتي آهي. ايراني صدر چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڄاٻي يمن ۾ جاري جنگ بند ٿيڻ ۾ آهي. هن چيو ته اسين پنهنجي تشويش کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي ته جده لڳ ايراني تيل جي جهاز تي ٿيل حملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي. اهڙن واعن سان خطي جي سلامتي کي نقصان پهچندو. هن چيو ايران تي ميڪا پاران مڙهيل اقتصادي پابنديون معاشي دهشتگردي آهي ان سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته آمريڪا گڏيل ايڪشن پلان تي واپس اچي ۽ پابنديون هٽائي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ايراني صدر مانجهاندو به ڏنو. عمران خان صبح جڏهن تهران جي هوائي اڏي تي پهتو هو ته پرڏيهي وزير جواد ظريف سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ صلاحڪار ذوالفقار عباس بخاري گڏ آهن. وزيراعظم کي ڇنڇر تي رات جو وڃڻو هو پر هو آچر تي صبح جو روانو ٿيو.