اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سڏ تي جاري لانگ مارچ جي روٽ بعد راولپنڊي پهچڻ جو ڏينهن به تبديل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر طرفان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان حقيقي آزادي مارچ جي نئين شيڊيول موجب 10 نومبر تي راولپنڊي پهچندو.اسد عمر جي ٽوئيٽ موجب سمورو قافلو 11 نومبر تي اسلام آباد پهچندو.










