طالبان فتح جي قريب آهن، اسانجي ڇو ٻڌندا؟ عمران خان

تاشقند(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ازبڪ سيڪورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. عمران خان چيو ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان ۾ پاڪستان تي مداخلت جا الزام نامناسب آهن، اسين ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آندو. جيڪو ڪجهه افغانستان ۾ ٿئي پيو سڀ کان پهريون اثر ته اسان تي پوندو. هن چيو ته پاڪستان ڪيتري عرصي کان چوي پيو ته طالبان سان ڳالهيون ڪريو پر افغان حڪومت ٽاريندي آئي. هاڻي جڏهن افغانستان ۾ طالبان فتح جي قريب آهن ته هو اسانجي ڳالهه ڇو ٻڌندا؟ ان کان اڳ افگھان صدر اشرف غني چيو ته پاڪستان مان 10 هزار طالبان موڪليا ويا آهن. پاڪستان جي مداخلت جا چٽا ثبوت موجود آهن. ڪيترائي طالبان افگھان سيڪورٽي فورسز سان مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا آهن، جن جا لاش پشاور ۽ چمن پهتا آهن، چمن جي اسپتال ۾ زخمي طالبان داخل آهن. عمران خان سندس الزام رد ڪندي چيو الزام بازي افسوسناڪ آهي. عمران خن سان ڊي جي آِ ايس آءِ به دوري ۾ گڏ هو.

ٻنهي اڳواڻن الزام بازين کان پاسو ڪرڻ ۽ صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تاشقند ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو وزيراعظم، افغانستان جو صدر ۽ ميزابن وزيراعظم شريڪ آهن، جڏهن ته 40 ملڪن جا سفير به شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس جو مقصد خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ تجارتي لاڳاپا وڌائڻ آهي. عمران خان گذريل ڏينهن بزنس فورم کي خطاب ۾ چيو هو ته وچ ايشيائي رياستن کي افغانستان ذريعي پشاور تائين ريلوي لائيڻ وڇائي وڃي جيئن تجارتي سرگرميون تيز ٿي سگهن ۽ خطي ۾ خوشحالي اچي. هي ملاقات ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن افغانستان ي نائب صدر امرالله صالح الزام لڳايو آهي ته اسپين بولدڪ تي طالبان پاران ڪيل قبضي بعد پاڪستان ايئرفورس افغانستان جي ايئر فورس کي ڌمڪي ڏني هئي ته طلابان کي هٽائڻ لاءِ بمباري نه ڪئي وڃي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو هو ته اهو ڪوڙو الزام آهي، افغناستان جي سرحدن اندر کين ڪو به قدم کڻڻ جي آزادي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو