عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙيندو،منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنهنجي خوابن ۽ سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته 2021 خطرناڪ سال آهي ۽ عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته عوام جو عمران خان تي ڀروسو ختم ٿي چڪو آهي. مون اڳ ئي چيو هو ته عمران خان کي آڻڻ وارا پاڻ ئي پريشان آهن ۽ عمران خان به پريشان آهي.منظورو ساڻ چيو ته 2021 خطرناڪ سال آهي عمران خان اوچتو اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو 2023 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جو مقابلو ٿيندو.واضح رهي ته منظور وساڻ پنهنجي سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور آهي. ماضي ۾ ان جي طرفان ڪيل اڳڪٿيون صحيح به ثابت ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو