عمران خان اليڪشن نه پر ٻيهر پنهنجي سليڪشن چاهي ٿو: مريم

عمران خان اليڪشن نه پر ٻيهر پنهنجي سليڪشن چاهي ٿو: مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن نه پر پنهنجي سليڪشن چاهي ٿو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان عدالت جي ڪٽهڙي ۽ جواب ڏيڻ کان بچڻ چاهي ٿو. هن کي عدالت ناهي وڃڻو پر جلسو ڪرڻ مينار پاڪستان وڃڻو آهي. خوف جا بت ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ بلٽ پروف ڪنٽينر ۾ خطاب ڪيو.مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو ڪوبه مسئلو سياسي ناهي، هن جا سمورا مسئلا نفسياتي آهن. شيطاني عادت جي پورائي لاءِ ملڪ جو آئين ۽ قانون نٿو هلي سگهي. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن تي يقين ڪن ٿا. ڪالهه لاهور جي عوام هن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته معيشت صحيح ڪرڻي هئي ته 10 سال خيبرپختونخواهه ۾ ڇو نه ڪئي. تماشن جو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. ٽارگٽڊ سبسڊي جو ڊيٽا 10 سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ نه بڻيو. هڪ ڪروڙ نوڪرين جي بجاءِ هن 4 سالن ۾ 1 ڪروڙ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو.هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ چونڊون يا آئين جي حڪمراني چاهي ٿو ته پوءِ اسيمبليون ڇو ٽوڙيون ؟ هاڻ عمران خان وٽ ڪوبه آپشن نٿو بچي. عمران خان جي سازشي ايجنڊا ناڪام ٿي ويو. هاڻ هي ملڪ ۾ نه سليڪٽ ٿي اچي سگهي ٿو نه ئي وري اليڪٽ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو