اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو به تعلق ناهي.برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي.مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان قانون سان سهڪار ڪرڻ بدران مسلسل قانون ٽوڙي رهيو آهي، پوليس رڳو عدالتي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي.هن چيو ته عمران خان خلاف ڪرپشن جا ڪيس آهن، جنهن لاءِ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو.وفاقي وزير چيو ته پوليس تي مسلسل پيٽرول بمن سان حملا ڪيا پيا وڃن، پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو هٿيار ناهي.هن اهو به چيو ته ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن.










